جهول ماڙي جا آثار

جهول ماڙي جا آثار

جهول ماڙي

جهول ماڙي: جهول ماڙي، ٺٽي ضلعي ۾ جهمپير کان 15 ڪلوميٽر اوڀر طرف، ڪينجهر ڍنڍ اندر هڪ ٽڪريءَ نما زير زمين پراڻي ۽ تاريخي جڳهه آهي، جيڪا هن وقت ظاهري طرح پٿرن جو ڍير يا دڙو نظر اچي ٿي. هن جي آثارن مان پتو پوي ٿو ته هتي ماضيءَ جي هڪ زير زمين جاءِ هئي. 1958ع کان اڳي، جڏهن ڪينجهر ڍنڍ ۾ اڃا ڪوٽڙي بئراج وسيلي پاڻي وجهي، ان جي سطح نه وڌائي وئي هئي، تڏهن هتي ٻه ننڍيون ڍنڍون هيون، هڪ ڪينجهر ۽ ٻي سونهري، جن جي سطح تمام هيٺ هئي، تڏهن جهول ماڙي به پاڻيءَ کان ٻاهر هڪ ٽڪري نما دڙو هئي. جڏهن 1958ع ۾ ڪوٽڙي بئراج وسيلي ٻنهي ڍنڍن کي ملائي هڪ ڪيو ويو ۽ ان وڏيءَ ڍنڍ جي پکيڙ ۽ سطح تمام گهڻي وڌائي وئي ته ڪافي ڳوٺن ۽ علائقن سان گڏ جهول ماڙي به ڪينجهر جي پاڻيءَ ۾ گهيرجي وئي ۽ مسلسل پاڻي رهڻ ڪري ماڙي ڊهي پئي. هن وقت ان جهول ماڙيءَ جا آثار پاڻيءَ اندر هڪ چورس فرلانگ تي مشتمل ٽڪريءَ جي صورت ۾ موجود آهن ، جنهن تي ڪا به وسنهن نه آهي. ٽڪريءَ جي سُرنگ واري پاسي اڌ حصي کي وڏا ڏار پئجي ويا ۽ ٽڪريءَ جو هڪ اڌ، جنهن تي پاڻيءَ جو زياده دٻاءُ هو، سو مڪمل طور 40 فوٽ هيٺ دٻجي ويو، جنهن ڪري ٽڪريءَ جي اُڀرندي پاسي واري اڌ ۽ اتر کان ڏکڻ تائين به ڏار پئجي ويا هئا، تنهن ڪري اها ٻئي اڌ کان 30 فوٽ کن هيٺ ٿي وئي هئي. ٽڪريءَ ۾ ڏار پوڻ ان ڳالهه کي ثابت ڪن ٿا، ته آڳاٽي وقت ۾ هتي ماڙي هئي. ڪينجهر ۾ ٻيون به ڪيتريون ٽڪريون آهن، پر اهي ساڳيءَ حالت ۾ موجود آهن. تاريخي تذڪرن ۾ جهول ماڙيءَ جو واضح طور ذڪر نٿو ملي، پر ٺٽو جيئن ته سنڌ جو تختگاهه ۽ سدائين جنگين جو ميدان رهيو آهي. ان ڪري سنڌ جي مقامي حاڪمن ڌارين حملي آورن کان بچاءَ لاءِ قلعا، ڪوٽ ۽ زير زمين پناهه گاهون ضرور ٺهرايون هونديون. ڪينجهر ڍنڍ جي ڪناري تي اهڙا ڪافي تاريخي آثار ملن ٿا، جيڪي سمن جي دور جا اهڃاڻ آهن. جهڙوڪ: تماچيءَ جي ماڙي، انڌن جي ماڙي، ڪلان ڪوٽ ۽ جهمپير وٽ جهم ڪوٽ جا آثار ۽ جهمپير کان ڏکڻ طرف ڪينجهر جي ڪناري چليا ويجهو هڪ ڊٺل قلعي جا نشان وغيره. سونڊا جو تاريخي قبرستان، دبيار کان اولهه اتر طرف هڪ قديم قبرستان ۽ جهمپير ويجهو پرديسين جي مقام ۾جنگ دوران مارجي ويل ماڻهن جون اجتمائي قبرون موجود آهن، اهي سڀ تاريخي جنگين جا اهڃاڻ آهن. جهول ماڙي لاءِ چئي سگهجي ٿو ته اها سنڌ جي خوشحال دور (سما دور) جي هڪ زير زمين پناهگاهه آهي، جيڪا ارغونن ۽ تر خانن جي حملن کانپوءِ گمناميءَ جي دز ۾ لٽجي وئي آهي، ڇو ته ملڪي حالتن ۾ تبديلي اچڻ ڪري هيءَ ماڙي ختم ٿي وئي هوندي ۽ بعد ۾ماڻهن ان بابت عجيب ڏند ڪٿائون ۽ هٿرادو قصا گهڙي، ان سان منثوب ڪري ڇڏيا. اڄ به هن هنڌ جي کوٽائي ڪبي ته ان جي اصل صورت ظاهر ٿي پوندي ۽ سنڌ جي تاريخ جو هڪ لڪل باب ملڻ جا امڪان روشن ٿي پوندا.


لفظ جهول ماڙيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو